عمان -17 اپريل (اي پي پي) اردن جي شاهه عبدالله (ٻه) چيو آهي، ته انهن جو ملڪ ڪنهن به صورت ۾ علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو. ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه عبدالله ملڪي سالميت ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن معاملن کي ترجيح ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اردن جو مقصد اسرائيل جي دفاع ڪرڻ بدران پ??هن??ي خودمختياري جو تحفظ ڪرڻ آهي. سندس اهو بيان اسرائيل تي فائر ڪيل ايراني ميزائيلن کي اردن پاران رستي ۾ تباهه ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي. هوڏانهن برلن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پ??هن??ي جرمن ه?? منصب سان ڳالهائيندي اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي چيو ته ايران پ??هن??ي حملي کي اسرائيل پاران ان جي قونصليٽ تي حملي جو جواب قرار ڏنو آهي، ۽ چيو آهي، ته هو ان معاملي کي اڳيان وڌائڻ نه ٿا چاهين. اسان موجوده اشوز کي اڳيان وڌائڻ جي خلاف آهيون.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايران سان تڪرار چاهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي اسرائيلي وزيراعظم کي ايران سان ٽڪراءَ کي روڪڻ گهرجي.
اردن علائقائي جنگ جو ٿيٽر نه بڻجندو: شاهه عبدالله (ٻه)
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں