بيجنگ-30 مئي(اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين ۽ شام جي وچ ۾ گڏ??ل اعتماد ۽ حمايت تي مشتمل اسٽريٽجڪ شراڪت داري قائم آهي، چائنا گلوبل ??يل?? وين نيٽ ورڪ موجب اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ شام جي پرڏيهي وزير فيصل مقداد ??ان ملاقات دوران چئي جيڪو چين عرب سهڪار فورم جي ڏهين وزارتي ڪونسل ۾ شرڪت لاءِ بيجنگ ۾ موجود آهي، چين جي پرڏيهي وزير عرب ليگ ۾ واپسي تي شام کي مبارڪ ڏيندي چيو ته چين ۽ شام گذريل سيپٽمبر ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ جي قيام جو اعلان ڪيو جنهن ??ان ٻه طرفا لڳاپن جو هڪ نئون خاڪو تيار ڪيو ويو. هن چيو ته چين شام جي قومي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي حمايت ڪري ٿو،چيني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته شام جي عرب ليگ ۾ واپسي چين-عرب لڳاپن جي ترقي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندي ۽ ان ??ان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. ان موقعي تي شام جي پرڏيهي وزير چيو ته شام چين پاران تجويز ڪيل سمورن عالمي قدمن جي حمايت ڪري ٿو ۽ چين ??ان گڏجي گڏ??ل احترام ۽ بالادستي تي مشتمل هڪ عالمي نظام قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
شام سان گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي مشتمل اسٽريٽجڪ شراڪت داري قائم آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری