اسلام آباد – 09 مئي (??ي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت شفافيت تي يقين رکي ٿي ۽ پنهنجي ٽن سالن جي حڪومتي دور جي احتساب ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽر ڪامل علي آغا جي صدارت ۾ سينيٽ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ۾ وزارت ۾ نااهل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو جنهن سبب موجوده حڪومت جي لاءِ ڪيترا??ي مسئلا پيدا ٿيا. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت نه رڳو پي ٽي وي ۾ ٽن سالن جي دور ۾ ٿيندڙ مقررين جا ??فص??ل فراهم ڪندي پر گذريل 10 سالن ۾ پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي حڪومتن ۾ ٿيندڙ مقررين جا ??فص??ل ڏيندي ته جيئن ڪميٽي پاڻ ان صورتحال جي ڀيٽ ڪري سگهي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔