اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 70 سالن کانپوءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي کان پاڪ، اقتصادي ترق??، توانائي بحران تي ضابطو ۽ دنيا ۾ مثبت اميج سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان ۽ ??لا??ه اقبال جي خواب جي ت??ميل شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سموريون صوبائي حڪومتون ترقي جو سفر تيزي سان طئي ڪري رهيون آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو اتحاد ۽ يڪجهتي جي ??لا??ت آهي، 23 مارچ کان پاڪستان جي قيام جي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريبن جو باقاعده آغاز ٿيندو، هي تقريبون سڄو سال جاري رهنديون، نئين نسل کي تحريڪ پاڪستان، قربانين ۽ جدوجهد کان آگاهي جي لاءِ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي آزادي جي سفر تي مشتمل خصوصي ٽرانسميشن پيش ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت پوري ملڪ ۾ صحت، تعليم، انساني حقن سميت هر شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا آهن جنهن جا ثمر سڌو سنئون عوام کي ملي رهيا آهن. هو ڏينهن اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ 23 مارچ جي مناسبت سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، پ??نس??ل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) رائو تحسين، انفارميشن سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل شيراز لطيف، ڊي جي ڊيمپ سليم بيگ کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي جي اعليٰ عملدارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏي تعداد موجود هو.
23 مارچ کان پاڪستان جي قيام جي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريبن جو باقاعده آغاز ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن