اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقا?? عباسي بلوچستان جي ضلعي ڊيره بگٽي ۾ ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. 80 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿين??ڙ ڪڇي ڪينال سان ڊيره بگٽ?? جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ 72 هزار ايڪڙ غيرآباد زمين آباد ٿيندي. واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين وزيراعظم کي ڪڇي ڪينال منصوبي بابت بريفنگ ??ني. گهرو وزير احسن اقبال، سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، پاڻي وسيلن وارو وزير سيد جاويد علي شاهه، پيٽرولم وارو مملڪتي وزير ڄام ڪمال، پاڻي وسيلن وارو مملڪتي وزير دوستين خان ڊومڪي، بلوچستان جو وڏو وزير سردار ثناءُ الله خان زهري، سينيٽر سردار يعقوب ناصر، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، بلوچستان جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪڇي ڪينال (فيز 1) جو مڪمل ٿيڻ واٽر انفراسٽرڪچر ۽ زرعي آبپاش?? جي شعبي ۾ اهم سنگ ميل آهي.
وزيراعظم ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ