اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مر??م ا??رن??زيب چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ثقافت، قومي ورثي، زبان جي واڌويجهه لاءِ تسلسل سان نصابي ۽ هم نصابي سرگرميون منعقد ٿيڻ گهرجن، قومي زبان جو ثقافت سان گهرو تعلق آهي، نئين نسل کي اردو زبان جي فروغ، قومي ورثي سان ڳنڍڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي.. هو نجي اسڪول سسٽم جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مر??م ا??رن??زيب نجي اسڪول سسٽم جي 30 هين سالگرهه تي اسڪو?? جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته روٽس اسڪول جا مختلف پروگرام آهن پر هڪ عورت جنهن جو ويزن اڄ هڪ ڦلدار وڻ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي اها عورت مس مشتاق آهي، سندس ويزن تحت اڄ هي اسڪول سسٽم معياري تعليم، هم نصابي سرگرمين، اسپورٽس، ڪلچرل ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به سڀ کان اڳتي آهي.
تعليمي ادارن ۾ تسلسل سان نصابي سرگرميون منعقد ٿيڻ گهرجن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil