اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گوادر پ??رٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پ??رٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پ??رٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊي??لپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پ??رٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پ??رٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پ??رٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گوادر پ??رٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا