پشاور – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي ترقي ح??وم?? جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت اعليٰ سطحي ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، وڏي وزير محمود خان، ناڻي واري صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، عمر ايوب خان، فيصل واوڊا ۽ خاص معاون تابش گوهر شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي کي وفاق پاران بجلي آمدني جي مد ۾ پن بجلي جي نج منافعي ۽ قبائلي ضلعن جي لاءِ مخصوص ترقياتي پئڪيج تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي منصوبن بشمول صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ بين منصوبن تي هيستائين 50 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. وزيراعظم صوبائي ح??وم?? کي هدايت ڪئي ته قبائلي ضلعن جي ترقي کي اولين ترجيح ڏني وڃي ۽ ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.
قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت