اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته ملڪي معيشت جي استحڪ??م ۽ ڪورونا وبا جي اثرن کان بحالي لاءِ تعميراتي شعبي جو فروغ اهميت رکندڙ آهي، نئين سوسائٽين ۽ تعيمراتي منصوبن سان گڏوگڏ موجوده غير منظور يا غير قانوني هائوسنگ سوسائٽين جي حوالي سان به مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو وڃي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊنيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين ۽ مختلف منصوبن جي منظورين جي عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ حڪومت پاران سم??جي تنظيم اخوت جي ذريعي مدد فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته حڪومت پاران اخوت کي پنج ارب روپيا فراهم ڪيا ويا هئا، ان منصوبي جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي حڪومت اخوت کي وڌيڪ پنج ارب روپيا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تنهن هوندي به اخوت پاران ٻڌ??يو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ انهن کي وڌيڪ 2 ارب روپيا گهربل آهن جيڪي حڪومت پاران فراهم ڪيا ويندا. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته اخوت منصوبي تحت هن سال جي آخر تائين 16000 گهرن جي تعمير مڪمل ٿي ويندي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران تعيمراتي منصوبن جي منظورين جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری