اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ ج?? موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ??ه عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح ج?? موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو في??ل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.
ڪو ثابت ڪري ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ وقت ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2