??سل??م آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي ڪور ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي ??سل??مو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڪميٽي ان عزم کي ورجايو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي، قانون جي حڪمراني جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي ۽ ڪنهن به شخص کي اين آر او نه ??نو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي ۽ ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي، اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪور ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي ??سل??مو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو. ڪور ڪميٽي چيو ته پاڪستان تحريڪ ا??صاف جي حڪومت مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ ا??صاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني (رول آف لاء) کي قائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ تحريڪ ا??صاف جي حڪومت انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ??نو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪور ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ويندي ۽ اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڀلي ان جي ڪا به قيمت ڇو نه هجي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa