اسلام آباد – 18 ??ون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت ڍانچاجاتي سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، سڌارن تحت ڪچي مال تي 100 ارب روپين ??ون رعايتون ڏنيون ويون آهن، ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي بنياد تي هموار ڪيو ويو، اسمگلنگ جو خاتمو ڪيو ويو، سماجي تحفظ جي دائري ڪار ۾ توسيع ڪئي وئي، صحت انصاف ڪارڊ هاڻي پنجاب ۾ به ڏنو پيو وڃي، حڪومت روانگي واپار ٻڌل واڌاري تي عمل ڪري رهي آهي، اسان ??ون صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن، انگريزي ڳالهائڻ سان ڪرپشن جا داغ صاف نه ٿيندا، موجوده حڪومت 22 سالن جي جدوجهد کا??پوءِ آئي آهي، اسان جي شهرت 10 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه پر ڪارڪردگي تي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري جي بجيٽ تقرير ۾ اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي حماد اظهر چيو ته ??وجوده حڪومت 22 سالن جي جدوجهد کا??پوءِ آئي آهي، اسان جي شهرت 10 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه آهي، هن چيو ته ??خالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ تان شيرين مزاري جي باري ۾ جيڪي ريمارڪس آيا اهي رڪارڊ جو حصو آهن ۽ ان تي معافي نه گهري وئي. مسلم ليگ (ن) جي هڪ ميمبر چيو ته گاري ڏيڻ پنجاب جو ڪلچر آهي، جيڪو به اهڙو ڳالهائي رهيو آهي اهو پنجاب جي تاريخ کي مسخ ڪري رهيو آهي. حماد اظهر چيو ته ??يپلزپارٽي جي پنج سالن ج دور ۾ هڪ سال به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ حڪومت چار سيڪڙو جي ترقي حاصل ڪري چڪي هجي، مهانگائي جي شرح هن وقت ساڍا 8 سيڪڙو آهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ پهرئين ??ال 21 سيڪڙو، ٻيو سال11.7 سيڪڙو، ٽئين ??ال 13.7 سيڪڙو ۽ چوٿين ??ال ۾ 11 سيڪڙو ٿي وئي هئي
حڪومت ڍانچاجاتي سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil