اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس مح??سب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي ڪار??با?? ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي تنهن هوندي به ان لاءِ ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف بڻائڻو پوندو، رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صد?? ۾ وفاقي ٽيڪس مح??سب پاران منعقد عوامي آگاهي سيمينار کي خاص مهمان جي طور تي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد، وفاقي ٽيڪس مح??سب مشتاق احمد سکيرا، مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ ٽيڪس بار ايسوسئيشنز جا عهديدار ۽ نمائنده به موجود هئا. صد?? چيو ته انساني تاريخ ۾ حڪمرانن جي احتساب جي روايت مديني جي رياست کان شروع ٿي جيڪا خلفاءِ راشدين جي دور ۾ عروج تي پهتي، احتساب ۽ جوابدهي جي ان نظام جي پيروي بعد ۾ ايندڙ ??سل??ان حڪمرانن به ڪئي. صد?? چيو ته رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. بدعنواني جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي ڇو ته بدعنواني سان معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور ۽ غريب طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، صد?? چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي پي ۽ آبادي جي تناسب سان ٽيڪس ڏيندڙن جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي ان جا جتي ٻيا سبب آهن اتي ٽيڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگيون ۽ خاميون به اهم سبب آهن، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته موجوده حڪومت جي هداين ۽ رهنمائي ۾ ايف بي آر انهن خامين ۽ پيچيدگين جي خاتمي لاءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي. صد?? چيو ته ٽيڪنالاجي جي درست ۽ بهتر استعمال سان ٽيڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگين ۽ خاتمين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، چين ۾ هن وقت ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان قرض لاءِ درخواستون ڏيندڙن کي پنج منٽن جي اندر لاڳاپيل ادارن کان فيڊ بيڪ ملي رهيو آهي. صد?? چيو ته وفاقي ٽيڪس مح??سب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي ڪار??با?? ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي، تنهن هوندي به ان لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف هجي ۽ هڪ اهڙو نظام هجي جتي ماڻهن کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. صد?? چيو ته مح??سب بابت ادارا پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به انهن ادارن جي ڪردار ۽ ان طريقيڪار جي باري ۾ عوام کي وڌيڪ خبر ناهي هوندي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ عوامي آگاهي کي فروغ ڏنو وڃي. اهي ادارا عدالتن جي متبادل ناهن پر ان جو دائره اختيار صرف حڪومت ج?? مختلف ادارن جي عملدارن پاران اختيارن جي استعمال بابت معاملن ۽ شڪايتن جو جائزو وٺڻ آهي. صد?? چيو ته انهن ادارن جي باري ۾ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پکيڙڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن ادارن جي عوامي شڪايتن تي ڪيل اهم فيصلن کي ماڻهن جي سامهون آندو وڃي. صد?? سيمينار جي انعقاد تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ان طرح جا سيمينار ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن.
ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔