اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان ??ي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل يوسف بن احمد العثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان ??بديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان ??فغانستان ?? پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿيندو. پرڏيهي وزير افغان ??وام جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي لاءِ ض??ور?? آهي ته اها افغانستان ??ان مصر??ف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان ??مت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ??ي ڳولا ۾ افغان ??وام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ض??ور?? آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير افغانستان ??ي اندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان ??فارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پا??ستان ??ي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ?? پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.
او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا