اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان ??ڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ??الهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ??ورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان ??يو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ??وس سياسي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ م??تحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان ??ان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ??ورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان مان ??ڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ??ورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.
پاڪستان جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان