اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيهي سي??ست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي افواهن جو سهارو وٺڻو هوندو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي گهرو وزير جي ڪتاب ”لال حوي??ي کان گڏيل قومن تائين – سي??ست جا 50 سال“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آهن، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد اسان جي سي??ست جو روشن رخ آهي، هن سدائين ملڪي سي??ست جو روشن رخ اجاگر ڪيو. چوڌري فواد حسين شيخ رشيد احمد جي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شيخ رشيد احمد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين هو ملڪي سي??ست جو محور رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آهي. هن چيو ته شيخ رشيد احمد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سي??ست جو رخ تعين ڪرڻ ۾ شيخ رشيد احمد جو آواز اهميت رکي ٿو، شيخ رشيد احمد جي ڪتاب ۾ شيخ رشيد احمد پنهنجي سياسي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪتاب جي ڪامياب مهورتي تقريب تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : راکی