اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ س??ڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد کي يقين?? بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز تي ا??ليٰ سطحي ا??لاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي ا??پيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفص??لي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور تي فعال ٿي چڪا ۽ اتي صنعتن جي تعمير تي تيزي سان ڪم جاري آهي، ڌاٻيجي ا??پيشل اڪنامڪ زونز تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان کي جلد فعال بڻايو ويندو، اجلاس کي ا??پيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي صنعتن جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فعال اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقين?? بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ س??ڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقين?? بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چي??رم??ن اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
خصوصي اقتصادي زونز بابت مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ۽ سيڙپڪارن جي سهولتي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia