اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الا??ي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽ??ز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حس??ن چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن ??يو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??يو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی