اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانست??ن جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغا?? عوام جي هنگامي امداد جي لاءِ اڳت?? وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم افعانست??ن جي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فورم تان متاثر افغا?? عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنهن جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، ??بي امداد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فراهمي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانست??ن جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانست??ن جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغا?? عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن امداد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانست??ن جي ٻوڏ متاثر عوام کي امداد جي فراهمي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هنگامي امداد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : bolão quina