پشاور – 05 – آگسٽ (اي ??ي پي) خيبرپختو??خو??هه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو. مشتاق احمد غني چيو ته ??اڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال عالمي انساني حقن جي ادارن جي ل??ءِ هڪ ڏکيو امتحان ۽ فڪر جو لمحو آهي، عالمي برادري ڀارت جي غاصباڻي قبضي مان ڪشميري عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ل??ءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش