راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون دفاع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ ت??ري??ي مقابلن، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي سيمينارز ۽ ڪانفرنسز پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سيپٽمبر تي دفاع جي ڏهاڙي طور تي ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين نسل کي باور ڪرائي سگهجي ته ڀ??رت 1965ع ۾ رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڀ??رت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ ج?? دفاع ڪيو پر ڀ??رت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين سيپٽمبر 1965ع تي جڏهن اها اطلاع ملي ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پاڪستاني فوج ک?? نشانو بڻائڻ جو منصوبو بڻايو آهي ته پاڪ فضائيه هوائن ۽ فضائن ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ عملداري قائم رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ ج?? فضائي حدن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو.
سڄي ملڪ ۾ 75 هون دفاع جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ