اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدا??ي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب قطر کان انساني امد??د جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امدا??ي سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر امداد تي پاڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدا??ي سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو?? قطر کان انساني امد??د جي پهرين جهاز جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدا??ي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.
ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز ڪراچي پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی