ڪراچي-10 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آه?? ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آه??. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 28675 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آه?? ته بدين ۾ 6200 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙيءَ طرح دادو ۾ 7500، حيدرآباد ۾ 2000، ڄامشورو 1125، مٽياري 2500، سجاول 1250، ٽنڊوالهيار 2500، لاڙڪاڻو 2000، خيرپور ميرس 3000 ۽ نوشهروفيروز 600 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1495773 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آه??. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق وڌيڪ 1800 خيما، 5 هيوي ڊيواٽرنگ پمپس ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آه??. هاڻي تائين متاثرن کي 599918 خيما، 535215 پلاسٽڪ ترپال، 3140036 مڇردانيون، 800323 ليٽر منرل واٽر واٽر ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 71130 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آه??، جڏهن ته ھن وقت 273667 متاثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آه??. جن ۾ 81126 ٻار ۽ 62399 عورتون شامل آه??، جن کي ٻه وقت جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ??يو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 770 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آه??، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آه??، جڏهن ته 436409 ڍور مري چڪا آه??. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت هن ??يو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59800 ڪيوسڪ ۽ اخراج 49900 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي آه??، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 46600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 36500 ڪيوسڪ آه??، جڏهن ته ڪو??ري بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ڪيوسڪ ۽ اخراج 57500 ڪيوسڪ آه??.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 28675 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا