اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي ج?? مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ج??فر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر مندوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي بهتر طور منظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.
مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران جعفر خان مندوخيل پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados