اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ??ان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آ??يس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي ??ان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعا??ن، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي ??ان گڏجي ڪم ج??ري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن