اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير جاويد احمد عمراڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چي?? ته پاڪستان تيونس سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. صدر چي?? ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تيونس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جهڙن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي لاءِ او آءِ سي بابت تيونس جي ويزن کي ساراهيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد تي تيونس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چي?? ته نامزد سفير مختلف فورمز تي اسلامو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪري. صدر چي?? ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهي?? آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ مسلمانن تي ??لم ڪري رهي?? آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تيونس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ