اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع ڪنهن دٻاءُ يا جلدبازي ۾ ناهي ٺهيو، بل تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي، اڄ پيمرا (ترميمي) بل حقيقت بڻجي چڪو آهي، ورڪنگ جرنلسٽس کي قانوين تحفظ ملي چڪو آهي، سمورين ڌرين اظهار راءِ تي پابندي جي حوالي سان ڊيفي نيشن ٺاهي، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن، گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، تنقيد کي سدائين برداشت ڪيو آهي، مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ بدتميزي جا واقعا سڀني جي سامهون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ آجياڻي و??ري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي و??ير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ پي آر اي، سي پي اين اي، پي بي اي، پي ايف يو جي، ايمنڊ سميت سمورين ڌرين رهنمائي ڪئي، ا??هار راءِ تي پابندي جي حوالي سان سمورين ڌرين ڊيفي نيشن ٺاهي، 12 مهينا ان بل تي مشاورت جاري رهي، ميديا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو ويو، اهو سفر 12 مهينا تسلسل سان جاري رهيو. مريم اورنگزيب چيو ته مون سدائين تنقيد برداشت ڪئي آهي، مسجد نبوي ﷺ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو داخل ٿيس ته مون تي تنقيد ڪئي و??ي، لنڊن ۾ به مون کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جڏهن پهريون ڀيرو پيمرا (ترميمي) بل پيش ٿيو ته بنا پڙهڻ جي ان جون ڌڄيون اڏايون ويون. پيمرا چيئرمين جي مدي ۽ توسيع بابت اعتراض ڪيو ويو، ان حوالي سان پيمرا ترميمي بل ۾ شق موجود آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل تي شقوار بحث ٿيو، هتي منظور ٿي اهو بل سينيٽ ۾ ويو ۽ پوءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ۾ به پيش ٿيو، ا??ي پي آر اي کانسواءِ اهي ماڻهو موجود نه هئا جن ان بل تي مشاورت ڪئي هئي. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل جي تياري ۾ شامل سمورين ڌرين اچي ان بل جي حمايت ڪئي پر بل تي اعتراض اٿاريا ويا. هن چيو ته اسان چيو ته بل منظوري جي مرحلن ۾ آهي، جيڪڏهن ڪا بهتري آڻي سگهجي ٿي ته اسان ڪنداسين. هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اهو قانون جلدبازي ۾ تيار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وفاقي و??ير چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ الزام هنيو ويو ته ميڊيا جو آواز بند ڪيو پيو وڃي، صحافت تي پابندي هنئي پئي وڃي، ان تي مون بل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو، مون چيو ته جيڪڏهن ڪو شڪ به اچي رهيو آهي ته ان بل سان صحافت تي پابندي لڳي رهي آهي ته آئون پنهنجي پارٽي، پنهنجي اتحادي حڪومت تي اهو داغ ڪڏهن به لڳڻ نه ڏينديس، ان تي مون بل واپس ورتو. هن چيو ته جڏهن بل واپس ورتو ته سمورين صحافتي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم مون کي چيو ته ڪنهن ميديا ورڪر ۽ صحافت کي احتجاج ڪرڻ جي نوبت نه اچي، توهان ان بل کي ٻيهر پيش ڪريو. مريم نواز مون کي ٽيليفون ڪري چيو ته ان مسئلي کي حل ڪريو. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز اتحاد جو مظاهرو ڪيو، انهن جي سڄي زندگي جي جدوجهد هڪ طرف ۽ ٽن ڏينهن جي جدوجهد هڪ طرف آهي. اڳوڻي وفاقي و??ير چيو ته پي آر اي سميت سمورا صحافي شيهي جي ديوار وانگر متحد ٿي بيٺل رهيا، پي آر اي، آر آئي يو جي، سي پي اين اي، ميڊيا ورڪرز، ڪئميره مين ايسوسيئيشنز سڀ ورڪنگ جرنلسٽس آهن، انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿي ته انهن منهنجو ساٿ ڏنو، پنهنجي انڊسٽري ۽ پنهنجي و??ڪرز جو ساٿ ڏنو، سڀني پيمرا بل کي پنهن??و بل سمجهي آواز بلند ڪيو. هن چيو ته اڄ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع حقيقت بڻجي چڪو آهي، اڄ اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته ورڪنگ جرنلسٽس کي قانوني تحفظ ملي چڪو آهي، ان قانون جي ٺهڻ جي جهڙي طرح توهان حفاظت ڪئي، اهڙي طرح ان تي عملدرآمد جي لاءِ پڻ متحد رهڻو آهي. هن چيو ته هر دٻاءُ کي برداشت ڪندي آءِ ٽي اين اي جو چيئرمين لڳايو، وزيراعظم سدائين چيو ته ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه يٿڻ گهرجي، ا??ان پي آئي ڊي جا ڊائريڪٽ چيڪ آئي ٽي اين اي کي ڏنا، ا??ان ريڪوريون ٿي و??ڪرز جي پگهارن جي ادائيگي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته ورڪرز پنهنجي حقن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ اهڙي طرح اتحاد جو مظاهرو جاري رکن.
پيمرا ترميمي بل 2023ع ڪنهن دٻاءُ يا جلدبازي ۾ ناهي ٺهيو، بل تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی