اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر با??ت سالياني آگاهي مهم جاري آهي جنهن جو م??صد پاڪستاني عورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اسڪر??نن?? کي فروغ ڏيڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر با??ت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ايوان صدر بريسٽ ڪينسر با??ت معلوماتي ۽ تعليمي مواد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس جي ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪي??ز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪر??نن?? کي فروغ ڏيڻ سان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني عورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت سالياني آگاهي مهم جاري
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج