اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قوم?? جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪارو ڏهاڙو اسان کي ان ڏينه?? جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شر??عا?? ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري?? جي انساني حق?? جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هر سال ڪارو ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي عملدرآمد جي حاويل سان ا?? جي وعدن کي ياد ڏيارجي جيڪي ڪشميري?? جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز