لاهور-11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آ??ي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي ايوان اقبال ۾ لاهور ليڊز يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور ليڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نديم ڀٽي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ميان ظهور وٽو سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 1080 شاگردن ۽ شاگردياڻي?? کي ڊگريون ڏنيون ويون. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته مو?? کي هتي اچي دلي خوشي ٿي آ??ي، ڪانووڪيشن هڪ يادگار لمحو هوندو آ??ي، ان ڏينهن شاگرد ۽ شاگردياڻون پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪندا آهن. هن چيو ته ال??ه تعاليٰ پاڪستا?? کي هر نعمت سان نوازيو آ??ي، نوجوان اسان جو اثاثو آ??ي، اميد آهي ته هو پنهنجي پيشوراڻيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن طريقن سرڪاري، نجي ۽ مدر??ن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جيڪو ملڪ ۾ ٽي مختلف طبقا پيدا ڪندو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح تعليم کي معيار کي بهتر ??نا??ڻ ۽ اسڪول مان ٻاهر ٻار?? کي واپس آڻڻ آهي. هن چيو ته ليڊز يونيورسٽي معياري تعليم فراهم ڪري رهي آ??ي، اهڙن تعليمي ادارن جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ مهمان خاص شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.
پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب