اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آسٽريليا جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ دوستاڻا ۽ خوشگوا?? لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان زراعت، لائيو اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن آسٽريلوي ڪمپنين ۽ ماهرن کي پڻ دعوت ڏني ته اهي پاڪستاني ڪمپنين سان پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪن. وزيراعظم آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستانين جن ۾ شاگردن جو هڪ وڏو انگ پڻ شامل آهي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪيو. آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر پاڪستان سان آسٽريليا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان حوالي سان پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن وزيراعظم کي آسٽريلوي دفاعي عملدارن جي پاڪستان جي دورن سميت اڳتي ٻطرفي مصروفيتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر وزيراعظم پاران نشاندهي ڪيل ترجيحي شعبن سميت راندين، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۽ ثقافتي تعاون کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. آسٽريلوي ??اءِ ڪمشنر پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊز جي بهادراڻي ڪوشسن کي پڻ ساراهيو جنهن سڊني ۾ هڪ حملي دوران ڪيتر??ون ئي جان??ون بچايون. ان حملي ۾ هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو هو جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا. ان حملي ۾ 5 عورتون مارجي و??ون هيون.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ آسٽريليا جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری