اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال ڪ??ڻ جي لاءِ ملڪي روانگي واپار خاص طور ت?? حڪومت پاران درآمد ڪئي ويندڙ شين جو هڪ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪ??ڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ ٽو تي ڪم ۾ وزارتن ۽ سرڪاري ادارن پاران ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ چين پاڪستان ا??تصادي لنگهه ۽ چيني سيڙپڪاري تحت ٻين منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطح?? جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن احسن ا??بال، محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، قيصر احمد شيخ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊين??ٽر راڻا احسان ا??ضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي طور ت?? آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ملڪي روانگي واپار خاص طور ت?? حڪومت پاران درآمد ڪئي ويندڙ شين جو هڪ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سي پيڪ ٽو تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ سمورين وزارتن کي پاڻ ۾ رابطا ٺوس بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ٽو تي ڪم ۾ وزارتن ۽ سرڪاري ادارن پاران ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي. چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چين سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جو وڌيڪ فروغ خوش آئنده آهي. چين پاڪستان ا??تصادي لنگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، لاڳاپيل آفيسر ۽ ادارا يقيني بڻائين ته ٻنهي ملڪن جي لاءِ ان سان مثبت نتيجا نڪرن.
وزيراعظم پاران گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لاءِ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا