راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪلوگرام منشيات هٿ ??ري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي وارين ڪارروائين دوران باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر وي??دڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ??ئي وئي. راولپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي وي??دڙ پارسل مان 400 گرام آئس هٿ ??ئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ??يو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ??يو ويو. ڪراچي مان ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئس هٿ ??ئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ??يو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس هٿ ??يو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايُون، 833 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا