اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي ترجمان ??وج?? پاڪستان ۽ روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ملاقات ۾ صنعتي، زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وفاقي وزير چيو ته روس سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جدي?? زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولت فراهم ڪ??ي ويندي. روس جي سفير چيو ته روس پاڪستان کي جدي?? زرعي مشينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زرعي ماهر روس جو دؤرو ڪن.
پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو: رانا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا