اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نوجوانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ جديد سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن جيڪي سائنس، ٽ??ڪن??لاجي ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن اهڙن خيالن جواظهار اسپيس ويڪ 2024ع جي تقريبن جي سلسلي ۾ اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز ايف 2/6، ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيس ويڪ جيڪو هر سال 4 آڪٽوبر کان 10 آڪٽوبر تائين ملهايو ويندو آهي، جو مقصد سڄي دنيا ۾ خلائي سائنس جي حوالي سان آگاهي ڦهلائن ۽ نوجوانن کي خلائي تحقيق جي موقعن طرف راغب ڪرڻ آهي. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير نوجوانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تي زو?? ڀريو. پروفيسر احسن اقبال خطاب جي شروعات ۾ چيو ??ه اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن جيڪي سائنس، ٽ??ڪن??لاجي ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن ماضيءَ جي اسلامي تهذيبن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن بغداد، دمشق ۽ قرطبه جهڙن شهرن ۾ علم ۽ تحقيق جا مرڪز قائم هئا ته مسلمان دنيا جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، پر جڏهن علم ۽ تحقيق کان دُوري اختيار ڪئي ته تهذيبي زو??ل جو مُنهن ڏسڻو پيو. احسن اقبال زو?? ڀريو ته مسلم اُمت جو مستقبل سائنس۽ ٽ??ڪن??لاجي جي بحالي سان جڙيل آهي. وفاقي وزير پنهنجي تقرير ۾ خلا جي تسخير ۽ ان جي تحقيق کي عالمي ترقيءَ ج?? هڪ اهم عنصر قرار ڏنو. هن جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ ۽ يورپي اسپيس ايجنسين جي ڪاميابيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ??ه اڄ جون جديد قومون سائنس ۽ تحقيق ذريعي ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن جڏهن ته بدقسمتيءَ سان ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ خلا ۾ تحقيق جي صلاحيت ناهي. هن ان ڳ??له?? تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪو مسلم ملڪ زمين جو مدار کان اڳيان نه وڌي سگهيو. احسن اقبال چيو ته قرآن پاڪ جي آيتن موجب الله تعاليٰ انسان کي چنڊ ۽ سج جي تسخير جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڄ ضرورت ان ڳ??له?? جي آهي ته مسلمان ان هدايت مطابق علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳيان وڌن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته دنيا چوٿين صنعتي انقلاب جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽڪس، نينو ٽ??ڪن??لاجي ۽ بائيو ٽ??ڪن??لاجي جهڙيون جديد ٽ??ڪن??لاجيون ترقيءَ جو معيار بڻجي چڪيون آهن. هن چيو ??ه انهن ٽ??ڪن??لاجيز ۾ مهارت رکندڙ قومون ئي ايندڙ دؤر ۾ عالمي ترقي جي اڳواڻي ڪنديون. هن نوجوانن کي اقبال جي شعر جو حوالو ڏيندي آسمانن کان اڳيان سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ جي ترغيب ڏني. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪلائمينٽ چينج کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اسپيس ٽ??ڪن??لاجي ذريعي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۾ بهتري آڻي سگهجي. اسپيس ٽ??ڪن??لاجي جي مدد سان اسان نه صرف زراعت ۽ پيداوار تي موسمي اثرن جو جائزو وٺي سگهون ٿا، پر قدرتي آفتن جي وقت سر اڳڪٿي به ممڪن ٿي سگهي ٿي جنهن سان قيمتي جانين ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو. احسن اقبال خلا جي تحقيق ۽ اسپيس ٽ??ڪن??لاجي جي اهميت کي روزمره جي زندگيءَ کي نظر ۾ رکندي پڻ پيش ڪيو. هن گوگل ميپس ۽ هوائي جهازن جي نيويگيشن جهڙين ايجادن جو ذڪر ڪندي چيو ??ه اسپيس ٽ??ڪن??لاجي جو استعمال هر شعبي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان اسان جي زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ??ه ايندڙ دؤر ۾ خلا ۾ ٿيندڙ تحقيق انسانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي، جيئن خلا ۾ توانائي جي نَون ذريعن يا انساني عضون جي پيدائش. هن پنهنجي خطاب ۾ شاگردن کي مستقبل جون ذميواريون نڀائڻ ۽ پنهنجي اندر علم ۽ تحقيق جي لڳن پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ??ه اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان جو مستقبل روشن ٿي سگهي. وفاقي وزير منصوبا بندي وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ??ه اسپيس ويڪ کي هر سال هڪ پليٽ فارم طور ملهايو ويندو ته جيئن اسان جي نئين نسل کي خلائي سائنس ۽ رازن بابت آگاهه ڪري سگهجي ۽ انهن جي تحقيقي صلاحيتن کي وڌائي سگهجي. هن چيو ??ه استادن ۽ شاگردن کي سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي تعليم سان ڳنڍڻ ۽ انهن کي جديد علم سان سرشار ڪرڻ ئي پاڪستان جي نوجوانن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن نوجوانن کي پيغام ڏنو ته هو سائنس ۽ تحقيق کي پنهنجو نصب العين بڻائين ۽ پاڪستان جو جهنڊو خلا ۾ لهرائين. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ??ه اڄ جا نوجوان هڪ ڏينهن پاڪستان کي دنيا جي پهرين صفن واري قوم ۾ شامل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
نوجوانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ