اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار تعريف لائق آهي، هو دانشمند، مدبر، دور انديش سياسي اڳواڻ آ??ي. ??الهه گهرو وزير، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. هن مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا عبدالغفور حيدري کي جي يو آءِ جو بنا مقابلي امير ۽ سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جون پنهنجي جماعت ۽ پاڪستان لاءِ گهڻيون خد??تون آهن. مولانا فضل الرحمان سينيئر ترين سياستدان آهي، پاڪستان جي سياست ۾ ان جو مقام مٿانهون آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ جي يو آءِ اصولن تي ٻَڌل سياست ڪئي آهي، مولانا فضل الرحمان جون پنهنجي جماعت ۽ پاڪستان لاءِ ڪيتريون ئي خد??تون آهن.
پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار تعريف لائق آهي: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا