اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج روڪڻ دوران امڪاني نقصان جا ذميوار اهي هوندا جيڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ايندا، 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جي ڪا به درخواست ناهي ڏني وئي، عدالت جي فيصلي تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائينداسين، اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به جلسا جلوس يا ڌرڻي جي اجازت نه ڏينداسين، ڪي پي حڪومت ٻڌائي ته انهن جو ڌيان اتي دهشتگردي ختم ڪرڻ تي هجڻ گهرجي يا اسلام آباد تي ڪاهه لازمي آهي.اڄ هڪ طرف جنازا کڄي رهيا آهن ته ٻي طرف ڪاهه جون تياريون ٿي رهيون آهن. هو ڪالهه صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. احتجاج کي روڪڻ جي ڪوشش دوران ٿيندڙ امڪاني جاني نقصان جو ذميوار ڪير هوندو؟ جي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته ذميوار اهو ئي هوندا جيڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري ايندا. ذميوار اهي هوندا جيڪي ڪاهه ڪرڻ اچي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ه?? چيو ته نه دڪان بند ٿيڻ گهرجن، نه ڪار??با?? بند ٿيڻ گهرجي، نه روڊ بند ٿيڻ گهرجي ۽ نه م??با??ي?? فون سروس بند ٿيڻ گهرجي، پر ٻڌايو ته اسان ڇا ڪريون؟ هڪ سوال جي جواب ۾ ه?? چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي ذميواري ص??با??ي حڪومت جي آهي، گذريل ڏينهن کين دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي ايف سي جون 15 پلاٽون گهربل هيون، جيتوڻيڪ اسان کي اسلام آباد ۾ به ايف سي جي ضرورت هئي پر اسان هتي روڪ نفري اتي موڪلي آهي. ص??با??ي حڪومت جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي پر ص??با??ي حڪومت کان به پڇيو وڃي ته ان جو به ڌيان دهشتگردي ختم ڪرڻ تي هجڻ گهرجي يا اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ تي هجڻ گهرجي. ه?? چيو ته وفاقي حڪومت جو ڪم صرف مدد فراهم ڪرڻ آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ امن امان اسان جي ذميواري ناهي، جيڪو اهي مطالبو ڪن ٿا اسان اهو پورو ڪريون ٿا پر امن امان جي پهرين ذميواري ص??با??ي حڪومت جي آهي. گهرو وزير چيو ته 40 جنازا کڄڻ کانپوءِ اتي ويٺل ماڻهن کي پاڻ سوچڻ گهرجي ته انهن جي پهرين ترجيح ڪهڙي هجڻ گهرجي. ه?? چيو ته جيڪو به قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. ه?? چيو ته اڄ شام وزيراعظم جهڙي طرح گائيڊ ڪندو بلڪل ان جي هدايت موجب ڪنداسين، جيڪڏهن اهي ڌرڻي لاءِ اچڻ جي ڪوشش ڪندا ته تمام گهڻي مشڪل ٿي ويندي، نقصان جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا جيڪي آرڊر جي خلاف ورزي ڪري ڪاهه لاءِ اچي رهيا آهن. منهنجو اڊيالا سان ڪوبه رابطو ??اهي. ه?? چيو ته پي ٽي آءِ ايس سي او ڪانفرنس جو خيال نه رکيو هاڻي بيلاروس جو وفد اچي رهيو آهي، اوهان آمريڪا ۽ سعودي عرب کي وچ ۾ کڻي آيا، آمريڪا جي حوالي سان به ڳالهايو ٿا، اوهان هڪ سال اندر ايترا يوٽرن ڪيئن وٺو ٿا. گهرو وزير چيو ته اوهان پنهنجو آواز لاڳاپي?? فورمن تي اٿاريو. 24 نومبر جي ڌرڻي کي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ واري ڪا به ڳالهه نه آهي، نه ئي ڳالهين جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ٿيڻ گهرجن. صرف جائز طريقي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هڪ طرف ڌرڻو ۽ ٻي طرف ڳالهيون ايئن نٿو ٿي سگهي.
عدالت جي فيصلي تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائينداسين،امڪاني نقصان جا ذميوار اهي هوندا جيڪي عدالتي فيصلي خلاف ايندا: وفاقي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا