اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي ??چڻ تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، اهو منصوبو پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن ??هي. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي ??چڻ خوش آئنده آهي?? ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شروعات ??هي. هن چيو ته اسان ”اڏار پاڪستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي، اهو منصوبو پاڪستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن ??هي. هن چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي ??چي وئي، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي ??هي. وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي ??چي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي ??هي. هن چيو ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
وزيراعظم پاران مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ