واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) وائيٽ ها??وس خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد هلندڙ سال جي آخر تائين ختم ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪانگريس نئين فنڊز جي فراهمي جي منظوري نه ڏني ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن جنگ کٽي سگهي ٿو. فرانسيسي خابرو اداري م??ابق صدر جوبائيڊن جي بجٽ ڊائريڪٽر شالينڊاينگ ريپبلڪن ها??وس جي اسپيڪر مائيڪ جانسن جي نالي هڪ خط ۾ واضح طور تي چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين لاءِ فوجي امد??د بند ٿي ويندي ته روس خلاف يوڪرين جي م??احمت کي شديد نقصان پهچندو. هن چيو ته ان وقت اسان وٽ فنڊز نه آهن ۽ لڳ ڀڳ وقت ختم ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪانگريس طرفان نئين فنڊنگ جي منظوري جي بغير، هلندڙ سال جي آخر تائين اسان وٽ يوڪرين لاءِ وڌيڪ هٿيارن، ساز ۽ سامان جي خريداري لاءِ وسيلا ختم ٿي ويندا.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo