بغداد -06 آگسٽ (اي پي پي) عراق ۾ عين الاسد ايئر بيس تي راڪيٽ حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿي پيا آ??ن . فرانس جي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري کاتي جي ترجمان چيو آهي ته عين الاسد ايئر بيس تي آمريڪي ۽ اتحادي ف??ج خلاف گذريل ڏينهن هڪ شڪي راڪيٽ حملو ٿيو، جنهن سبب ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪار حملي بعد ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ معلومات دستياب ٿيڻ تي فراهم ڪئي ويندي. عراق جي ف????ي ذريعن ان کان اڳ چيو هو ته ايئر بيس تي ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ڪج??ه ان ??ي اندر ڪريا ۽ ڪج??ه ويجهن ڳوٺن ۾ ڪريا، پر ڪوبه نقصان ناهي ٿيو. واضع رهي ته عراق ۾ آمريڪي ف??ج جا 2500 ۽ شام ۾ 900 اهلڪار مقرر آهن.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔