نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ جاري پ??امن مقامي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪندو رهندو. نيويارڪ پهچڻ کانپوءِ پاڪستاني برادري جي ميمبرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق حل والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري وارو حق ڏيڻ سان ئي ممڪن آهي جيڪو ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن موجب هجي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام آزادي جي جدوجهد کي ڪاميابي سان پنهنجي ڪيترن ئي نسلن ڏانهن منتقل ڪيو آهي ۽ هاڻي ڪشميري نوجوانن آزادي جي ت??ريڪ ۾ نئون جوش ۽ جذبو شامل ڪري ڇڏيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ