اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ??وجوده حڪومت جي پاليسين ڏيوالپڻو ٿيندڙ معيشت ۾ نئين جان وجهي ڇڏي آهي، سياسي مخالف اقتصادي ڪارڪردگي سبب ش??ست کان ڊنل آهن، مخالفن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي. اسلام آباد ۾ ايف پي سي سي آءِ ڪيپيٽل هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ??ائن اليون کانپوءِ ان وقت جي حڪمرانن غلط فيصلا ڪيا جن سان معيشت کي هڪ سئو ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو پر اسان ڏيوالو ٿيندڙ معيشت کي نئين جان ڏئي ڇڏي آهي. 2013ع ۾ مرڪزي بئنڪ وٽ ٽي ارب ڊالر جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ه??ا جڏهن ته ??اڻي سمورين بئنڪن جا مجموعي ذخيرا 24.5 ارب ڊالر آهن جيڪي 6 مهينن جي درآمدي بل جي ادائيگي جي لاءِ ڪافي آهن. عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جو اندازو هو ته ??اڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ 5 سال لڳندا پر اهو هدف ٽن سالن ۾ حاصل ڪيو ويو آهي.
حڪومت جي پاليسين معيشت ۾ جان وجهي ڇڏي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania