ڪراچي – 17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق ??نج??اڻي چيو آهي ته آئون ناراض بلوچ ڀائرن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ان حوالي سان قانونسازي روزگار جي فراهمي لاءِ قدم کڻي سگهجن ٿا. مزار قائد تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين صادق ??نج??اڻي چيو ته س??نيٽ جي جوڙجڪ ۾ چئني صوبن جو برابر حصو آهي ۽ اسان جي شروع کان ئي اها خواهش هئي ته س??نيٽ چيئرمين جو عهدو بلوچستان کي به ملي. سينيٽ جي جمهور??ت ۽ آئين جي بالادستي جي حوالي سان ڪردار تي ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پاران قائم ڪيل معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس