اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسان جي قوم گڏجي ان جو مقابلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرندي، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو پوندو، ان مق??د لاءِ ڪرونا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر فورس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، عوام ??سي??لين قائم ڪري ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ض??يع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي آر واءِ نيٽ ورڪ طرفان وزيراعظم کي ڪرونا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿون ٽرانسميشن جي دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪرونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسان جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي بڻجي اڀرندي. هن چيو ته ڪا به جنگ ح??ومت اڪيلي سر نٿي کٽي سگهي، ان جي لاءِ پوري قوم جو گڏ هجڻ لازمي آهي ۽ ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مق??د لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون