اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي پوليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ عوامي نمائندن کي سامهون آڻڻ جو موقعو ڏنو، وزيراعظم پورٽل ۾ 22 لک شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده وزيراعظم سٽيزن پورٽل جي ماهوار رپورٽ ??يش ڪئي ويندي. هن وقت تائين بي پناهه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي جن ۾ سڀ کا?? وڌيڪ شڪايتون سنڌ جي ادارن جي باري ۾ آهن، شهباز شر??ف ماڻهن جي ذاتيات کان بيان بازي کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شر??ف پنهنجي مفرور ڀاءُ نواز شر??ف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرده اڳواڻ ڪرپشن جي الزامن ۾ ورتل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.
وزيراعظم پورٽل تي 22 لک شڪايتون ملي چڪيون آهن: ڊاڪٽر شهباز گل
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada