اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ع??ام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ماضي ۾ قابل تجديد توانائي سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو وي??، م??ان??ي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ گردشي قرض تمام وڏا مسئلا آهن، توانائي شعبي جي گرفت ۾ پورو پاڪستان آهي، توانائي جي شعبي جي مسئلن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو وي??، م??ان??ي بجلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا مسئلا جنم وٺندا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي انرجي سيڪٽر جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جامع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس قائم ڪيون وي??ن ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو وي??، رپورٽس جي روشني ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي ٿي ۽ گذريل ڏينهن بجلي جي شعبي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وي??ن، گذريل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو وي??. آءِ پي پيز سان ايم او يو تي صحيح بجلي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊالر بدران پاڪستاني روپئي ۾ ڏني وي??دي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي سهولت دستياب هوندي پر منافع جي شرح ۾ گهٽتائي آندي وي??دي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بجلي جي قيمت ادا ڪئي وي??دي جنهن س??ن گردشي قرض جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار شهزاد قاسم به موجود هو.
عوام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania