اس??ام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته اعليٰ عدليه جي حڪمن جي باوجود پي ڊي ايم ملتان جلسو، مخالف ڌر توهين عدالت ڪئي آه??، پي ڊي ايم جلسي منتظمين ۽ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي، اڳتي به جيڪو عدالتي حڪمن ۽ اين سي او سي سفارشن تي لڳل پابندين جي خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف اهڙي ڪا??رو??ئي ڪئي ويندي، ڪورونا وائرس جي ٻي حياتي کسيندڙ لهر جي ڪري سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آه??، پي ڊي ايم هاڻي لاهور جلسي جون ڳالهيون ڪري رهي آه??، انهن کي لاهور جلسي کان نه روڪينداسين پر انهن جي خلاف قانوني ڪا??رو??ئي ضڙور ٿيندي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سڄي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آه??، انهن ماڻهن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اين سي او سي جي سفارشن جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آه??.
عدالت جي حڪمن باوجود پي ڊي ايم جلسو ڪري توهين عدالت ڪئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث