اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته نور مقدم ڪيس جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اڌ سچ تي ٻڌل ۽ سنسني پکيڙڻ جون خبرون ڏنيون پيون وڃن جنهن سان متاثر خاندان جي دل آزاري ٿي رهي آهي، ??سا?? کي هر عورت سان گڏ بيهڻو آهي، قانون ٺهڻ گهرجن ۽ انهن تي ع??لدرآمد به ٿيڻ گهرجي پر ظلم ۽ تشدد ??سا?? جي معاشري مان ان وقت تائين ختم نه ٿيندو جيستائين ذهنيت تبديل نه ٿيندي، نور مقدم ڪيس جي حوالي سان پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ماءُ ڀيڻ، ڌيءَ جو بهانو بڻائي ع??رتن تي ظلم ۽ تشدد ڪيو ويندو آهي، ??سا?? سڀ کان پهرين عورتون آهيون، هر عورت کي ٻي ع??رت سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ پاڻ کي مضبوط بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نور مقدم ڪيس ۽ راءِ ونڊ لاهور ۾ مسيحي ٻارڙي ع??ايا سان پيش ايل واقعن تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته قانون موجود آهن پر پوءِ به عورتن ۽ ٻارن سان واقعا ٿيندا رهندا آهن، ٻارن کي اسڪولن ۾ مار ڏيڻ کان روڪڻ جي حوالي سان قانون منظور ٿي چڪا آهن، جيترا مرضي قانون ٺاهي وٺو جيساتئين ماڻهن جي ذهنيت تبديل نه ٿيندي واقعا ٿيندا رهندا، هن چيو ته نور مقدم ڪيس جي حوالي سان اسلام آباد پوليس ٺيڪ ڪم ڪري رهي آهي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي غلط خبرون پکڙيون پيون وڃن، پوليس بريفنگ به ڏئي رهي آهي پر اهي ماڻهو ماڻهن جي پرائيويسي جو به خيال ناهن ڪندا، عورت تي ظلم ۽ تشدد نه ٿئي اهو روڪڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ماءُ، ڌيءَ ۽ ڀيڻ جو بهانو نه بڻايو، ??سا?? سڀ کان پهرين عورتون آهيون، هن چيو ته عورتن کي خاندان جي عزت جي نالي تي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. عورت تي ڪنهن به بهاني سان تشدد ڪرڻ جي سوچ بدلائڻي پوندي، هن چيو ته ننڍن ننڍن ٻارن سان اسڪولن، مدرسن ۽ گهرن ۾ ظلم ٿيندو آهي، ڪورنگي ۾ جنسي تشدد ڪري نالي ۾ اڇليو ويو، هر جاءِ ظلم ۽ تشدد جو ڪو نه ڪو بهانو نڪري ايندو آهي، ??سا?? کي قانون سخت ڪرڻا پوندا پر اهو مسئلو ان وقت حل ٿيندو جڏهن ذهنيت تبديل ٿيندي، عورت تي ظلم ۽ تشدد جو ڪو جواز نه آهي، قانون سخت بڻائڻ ۽ ڪميٽيون ٺاهڻ سان صورتحال نه بدلجندي، عورت پاڻ کي مضبوط بڻائي ته مرد عورت تي ظلم نه ڪري سگهندو. سڀني ع??رتن کي ٻين عورتن سان گڏ بيهڻو پوندو. هن چيو ته نور مقدم سميت ٻين ڪيسن کي گهري نظر سان مانيٽر ڪري رهيا آهيون، هن درخواست ڪئي ته سوشل ميڊيا اڌ سچ تي ٻڌل ۽ سنسني پکيڙڻ جون خبرون نه ڏي ته جئين متاثر خاندان جي عزت برقرار رهي سگهي، هن چيو ته ??سا?? کي هر عورت سان گڏ بيهڻو آهي، هن چيو ته ٻارن، ٻارڙين ۽ عور??ن جا انساني حق ڏيڻا پوندا، هن چيو ته اسلام زال تي تشدد جي به اجازت نٿو ڏي، پوري مل?? ۾ عورتن ۾ اهو انديشو وڌي رهيو آهي ته مل?? ۾ عورتون محفوظ ناهن.
اسان کي هر عورت سان گڏ بيهڻو آهي: ڊاڪٽر شيرين مزاري
مضمون کا ماخذ : بونانزا