اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي پرڏي??ي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ اف??ان??تان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪن??ي اف??ان??تان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم اف??ان??تان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اف??ان??تان ۾ سلامتي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته عالمي بر??در?? کي افغان عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم اف??ان??تان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان خبردار ڪن??ي چيو ته اهي صورتحال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم برطانوي پرڏي??ي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ ??ي ڀارت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪن??ي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم عمران خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد