ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهت??ي جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪ??و آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي دوران ماحول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار قائد جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چي?? ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻو??ا لڳايا ويا آهن. هن چي?? ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻو??ا شهرين کي گهر جي درن تي فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهايا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته نه رڳو ٻو??ا ورهايا ويا آهن پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح تائين وڻڪاري دوران نوان لڳايا ويندڙ ٻو??ن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آهي. هن چي?? ته شهر ۾ ڪاروباري، سماجي ذميوا??ي جي بنياد تي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چي?? ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄي دنيا ۾ ماحول بهتر ٿ??و آهي جنهن جو مطلب آهي ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? ته اسان جا سياح غيرذميوا??ي جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو اڇلائي ڇڏين ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ويندڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حڪومت بجيٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.
پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال